ڪراچي(شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا مديحه امام به خاموشي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجي وئي، اداڪارا شادي جون تصويرون پڻ سوشل ميڊيا ذريعي شيئر ڪري ڇڏيون
شوبز انڊسٽري جي سندري مديحه امام موجي بسار نالي نوجوان سان خاموشي سان پرڻو ڪيو، شادي جي تقريب ۾ ٻنهي خاندانن جا ڀاتي ۽ ويجها دوست پڻ شريڪ ٿيا
اداڪارا شادي بعد انسٽاگرام اڪائونٽ تان سموريون پوسٽون هٽائي ڇڏيون آهن جڏهن ته هن پنهنجي شادي جون ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا ذريعي شيئر ڪيون
مديحه امام کي شادي وارين تصويرن ۾ ڳاڙهي رنگ جي شادي واري لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو، سندس مڙس موجي بسار کي ٿري پيس سوٽ پاتل آهي جڏهن ته شادي واري ڏينهن کيس آف وائيٽ رنگ جي شلوار ۽ ڪرتو پاتل نظر اچي ٿو
مديحه امام جي شادي تي کيس دوستن ۽ مداحن طرفان مبارڪن جا پيعام ڏنا پيا وڃن