عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

0
256

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر ڏينهن روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته وزيرآباد بعد مونکي 18 مارچ تي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ ٻيهر قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

اسلام آباد رواني ٿيڻ کان اڳ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن وقت مافيا چيف جسٽس جي پٺيان هٿ ڌوئي پئجي وئي آهي ۽ چاهي ٿي ته سپريم ڪورٽ کي ورهايو وڃي پر سندس اها ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 3 ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيو هو ته مونکي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو وزيرآباد ۾ ۽ ٻيون ڀيرو 18 مارچ تي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ خوشقسمتي سان بچي ويس

هن چيو ته مراد سعيد کي اهي ئي ماڻهو دهشتگرد چئي رهيا آهن جن کي آئون ڊرٽي هيري چوندو آهيان، مونکي ۽ مراد سعيد کي جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جي پٺيان ڊرٽي هيري جو هٿ هوندو

هن چيو ته عدالتون جو احترام ڪريان ٿو پير ۾ سوڄ هجڻ باوجود پيش ٿيندس انهن وانگر ناهيان جن جي مرضي جو فيصلو نه اچي ته ججن خلاف پروپيگنڊا شروع ڪري ڏين ٿا

عمران خان وڌيڪ چيو ته سمورا پاڪستاني ڇنڇر ڏهاڙي چيف جسٽس سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ ٻاهر نڪرن، پي ڊي ايم وارا آئين جا بکيا اڊيڙي رهيا آهن 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيئڻيون آهن پر هو اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن

هي به پڙهندا

عمران خان ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل