جهول: پاڪستان ۾ مسلسل مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب جتي عام ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهي ته اُتي ماڻهو ملڪ ڇڏڻ تي پڻ مجبور ٿي ويا آهن
جھول شهر سان تعلق رکندڙ 2 هندو خاندان سيتل ۽ ونود ڪمار مهانگائي سبب پاڪستان ڇڏي ڀارت هليا ويا آهن، جتي اُنهن رهائش لاءِ هندستاني حڪومت کي درخواست پڻ ڏني آهي
ونود ۽ سيتل ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري هو هندستان ۾ اسان کي روزمره جون شيون پاڪستان کان اڌ قيمت کان گهٽ اگهه تي ملي رهيون آهن
هنن چيو ته پاڪستان هاڻ رهڻ جي قابل ناهي رهيو، پاڪستان ۾ مهانگائي سبب عام ماڻهو جو جيئڻ لڳ ڀڳ چيلينج بڻجي ويو آهي
هي به پڙهندا
حڪومت پيٽرول 35 ۽ ڊيزل به 35 رپيا لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو: ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ