امريڪي ڊالر کي ريورس گيئر لڳي ويو، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 11رپيا سستو ٿيڻ بعد 227 رپين جو ٿي ويو
انٽربينڪ ۾ امريڪي ڊالر کي ريورس گيئر لڳي ويو آهي، جنهن بعد ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملهه مستحڪم ٿي رهيو آهي
اربع ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي امريڪي ڊالر جي سامهون رپئي جي ملهه ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڊالر جو اگهه گهٽيو
انٽربينڪ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر جي قدر ۾ 11رپيا 38 پئسا گهٽجي ويو ۽ انٽربينڪ ۾ هڪ ڊالر 227رپين تي اچي ويو آهي
اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ دالر 11 رپيا سستو ٿي 227 رپين جو ٿي ويو آهي
ھي به پڙھندا