حڪومت پڪن ثبوتن تي ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي، عدالت اُن کي برقرار رکي ته پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي: راڻا ثناءُ الله

0
383
اسلام آباد: فوج سميت ڪو به ادارو تنقيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت پڪن ثبوتن تي ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي ته پي ٽي آءِ فارن ايڊ پارٽي آهي ۽ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اها ڊڪليريشن برقرار رکي ته پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن سئو سيڪڙو درست فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فيصلي ثابت ڪيو ته پي ٽي آءِ هڪ فارن فنڊڊ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪئي ۽ اڪائونٽس لڪايا

هن چيو ته پي ٽي آءِ 34 پرڏيهي ملڪي شهرين ۽ 351 ڪمپنين کان فنڊز وٺندي رهي، پوليٽيڪل پارٽي ايڪٽ ۽ اليڪشن ايڪٽ موجب ممنوع فنڊنگ ڏوهه آهي، حڪومت پڪن ثبوتن تي ڊڪليريشن ڏئي سگهي ته پي ٽي آءِ فارن ايڊ پارٽي آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اِها ڊڪليريشن برقرار رکي ته پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ جو الزام ثابت، شوڪاز نوٽيس جاري، عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو آھي: اليڪشن ڪميشن