حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي پاران موٽروي جي اڏاوت لاءِ جاري ڪيل رقم ۾ ڪرپشن ذريعي پوڻا 2 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍائي هڙپ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي ڊي سي مٽياري کان جاچ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته چيڪ جاري ڪندڙ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد آباد منصور عباسي فرار ٿي ويو آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن پوليس اڳوڻي ڊي سي مٽياري کان رقم ڪڍائڻ جي حوالي سان مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي. ابتدائي معلومات مطابق اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد اهو اعتراف ڪيو آهي ته هن 273 خالي چيڪ صحيح ڪرايا هئا جن ذريعي بئنڪ مان رقم ڪڍائي وئي. اهي چيڪ مبينا طور لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي چارج رکندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد آباد منصور عباسي جي صحيح سان جاري ڪيا ويا. اينٽي ڪرپشن پوليس جي ذريعن مطابق اڳوڻي ڊي سي مٽياري جاچ ٽيم آڏو اهو اعتراف ڪيو آهي ته هن رقم جا مختلف حصا بااثر شخصيتن جي خاص ماڻهن حوالي ڪيا پر ان جو وٽس ڪو تحريري ثبوت يا دستاويز نه آهي. هن اسسٽنٽ ڪمشنر پاران چيڪ صحيح ڪري ڏيڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. ان معاملي کانپوءِ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر گم ٿي ويو آهي ۽ هن پنهنجا موبائيل فون به بند ڪري ڇڏيا آهن. اينٽي ڪرپشن پوليس اڳوڻي ڊي سي مٽياري کي حيدرآباد جي عدالت مان رمانڊ بعد نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن کي به ان جي موجودگي واري هنڌ بابت آگاهي نه پئي ڏني وڃي. جاچ جي حوالي سان اعليٰ اختيارين کي پل پل جي رپورٽ کان آگاهي ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ڪيل رقم هڪ ارب 82 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي ۽ ان اضافي رقم بابت به اڳوڻي ڊي سي کان جاچ هلندڙ آهي.