مٽياري (رپوٽر ) ايم_6 موٽروي ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل واري معاملي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم مختيارڪار آفيس مٽياري ۽ سنڌ بينڪ برانچ تي ڇاپو هنيو. ٽيم ڇاپو هڻي لاڳاپيل رڪارڊ تحويل ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ بينڪ جا مينيجر مير محمد سھاڳ ۽ اسسٽنٽ مينيجر تابش شاهه معطل ٿيڻ بعد گم آهن، ڇاپي دوران اينٽي ڪرپشن ٽيم سان گڏ اين ايڇ اي جا عملدار به ساڻن هئا، جنهن جي اڳواڻي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو پي ايس ۽ سرڪل آفيسر عرفان ارباب ڪري رهيا هئا. ٽيم ٻنهي آفيسن مان رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ۽ عملدارن جا بيان قلمبند ڪيا، جڏهن ته گرفتار ٿيل ڊي سي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ڪيس ۾ نامزد لينڊ اڪيوزيشن آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد منصور عباسي جي ضمانت جي حوالي سان ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.