1800 کان 2050 : انساني تهذيب جا اڍائي سؤ سال

0
502
هـارڊ وَرڪ يا سـمارٽ وَرڪ

   اڄ کان اڍائي سؤ سال اڳ واري زماني يعني سن 1800 عيسوي ۾ دنيا ڪيئن هئي؟ نه ٽيليفون، نه ٽي وي، نه ڪا گاڏي نه ڪار، نه ريل، نه ايئرڪنڊيشن، نه فرج، نه بينڪ، نه اي ٽي ايم مشين، نه واشنگ مشين، نه اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي، نه ڊاڪٽر نه ايلوپيٿڪ دوائون نه ايڪسري مشين، نه الٽراسائونڊ، نه انٽرنيٽ ۽ اڄوڪي زماني واري ڪنهن هڪ سهولت جو وجود نه هو. حيرت جي حد ته اها آهي ته بجلي به نه هئي. ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪجي “مائيڪل فيراڊي” کي، جنهن اليڪٽرڪ اِنڊڪشن تي تجربا ڪري ڪري نيٺ 1831ع ۾ بجلي ايجاد ڪئي ۽ پنجاهه سالن کان پوءِ 1881ع۾“ايڊيسن” بلب ايجاد ڪري هزارن سالن جي اونداهي مان ڪڍي دنيا کي روشن ڪيو. “مائيڪل فيراڊي” هڪ لوهار جو پٽ هو ۽ هڪ بُڪ بائينڊر هو، ڏينهن جو ڪتابن جي جُلد بندي ڪندو هو ۽ رات جو انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. اندازو ڪيو اگر بجلي جي دريافت نه ٿئي ها ته گذريل ٻن سؤ سالن ۾ ٿيل بي شمار ايجادون نه ٿي سگهن ها جيڪي اليڪٽرسٽي جي ڪري ممڪن ٿي سگھيون.

ٿورو اڳتي وڌون ٿا. اڄ کان سؤ سوا سؤ سال اڳ واري دنيا ڪيئن هئي؟ يعني سن1900 عيسوي  ۾ انسان جي زندگي ڪيتري سهل هئي. مٿي ڄاڻايل ايجادن مان ڪيتريون وجود ۾اچي چڪيون هيون. اڃان ٿورو ويجهو اچون، نوي جي ڏهاڪي ۾ يعني ٽيهه سال اڳ، پنجاهه سال جي عمر جي سڀني ماڻهن کي ياد هوندو. ٿورو فليش بيڪ ته ڪيو. ڪاڏي ويو ريڊيو، ڪاٿي آهي اينٽينا واري ٽي وي، ٽيپ رڪارڊر، ٽيپ جي ڪيسيٽ، وي سي آر، سي ڊي پليئر، واڪ مين، فلاپي ڊسڪ، رول واري ڪيمرا، پبلڪ ڪال آفيس ۽ ان دور جون اُهي سموريون شيون هاڻي خوبصورت ناسٽلجيائي يادون بڻجي ويون آهن، جنهن دؤر ۾ واحد ٽي وي چئنل پي ٽي وي جون خبرون ٻڌي، ساڍي نائين بجي پاڪ سرزمين شاد باد جو ترانو ٻڌي ڏهين بجي سمهي پئبو هو. ٽيهن سالن ۾ نوي جي ڏهاڪي واري شيون اڄ ماضيءَ جو قصو آهن.  “ تمام ٿوري وقت ۾ تمام گھڻي تبديلي اچي وڃي ته ان کي ‘فيوچر شاڪ’ چون ٿا” اها تبديلي ايتري تيزي ۽ شدت سان هجي، جو سماج کي جھٽڪو (Shock) لڳي. مثال اڄ اسان جي هن ئي سماج ۾ ئي ڪجهه اهڙا فرد به زنده آهن، جن کوهن مان پاڻي ڀريو ۽ ڏاند گاڏين تي سفر ڪيو. اسي نوي يا ان کان مٿي عمر جي ماڻهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ جواني جي دؤر ۾ ڇا ڏٺو هو؟ هاڻي هن ايڪويهين صديءَ ۾ هي هيڏي ساري تبديل انهن جهونن جي لاءِ ڪنهن شاڪ کان  گھٽ ناهي.

آمريڪا ۾ هڪ سماجي سائنسٽ هو. نالو هُيس ايلـوِن ٽافـلر (Alvin Toffler). سائنسي ۽ سماجي پيشن گويون ڪندو هو. هُو جديد دور جو سائنسي جوتشي هو، جنهن کي دنيا هڪ اڳڪٿي دان (Futurist) سان سڃاڻي ٿي، تازو2016ع ۾ گذاري ويو. سندس بيشتر اڳڪٿيون سچيون ثابت ٿيون آهن.’فيوچر شاڪ’ جو اصطلاح به ٽافلر پيش ڪيو، ان عنوان سان سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيو. ٽافلر پنهنجي جڳ مشهورڪتاب ‘فيوچر شاڪ’ ۾ انساني تهذيب کي ٽِـن دورن ۾ ورهايو آهي، جن کي هُـو انساني تهذيبي ارتقا جون لهرون ڪوٺي ٿو.  ٽافلر زرعي انقلاب (Agriculture Revolution) کي پهرئين لهر ڪوٺي ٿو ۽ صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) کي ‘ٻئين لهر’، اهڙي طرح ‘ڄاڻ جي انقلاب’ (Knowledge / Information Revolution) کي ‘ٽئين لهر'(Third Wave) سڏيو آهي . مرحيات ٽافلر اڄ جيئرو هجي ها ته آرٽيفيشل انٽيليجنس کي هيومن سِـولائيزيشن جي چوٿين لهر قرار ڏئي ها.

ايڪويهين صدي، آرٽـيفيشل اِنٽيلجنس يا مصنوعي ذهانت جي صدي آهي، جيڪا انسان کي مريخ تائين پهچائيندي ۽ ڪائنات جا عجب اسرار عيان ڪندي. اڄڪلهه هڪ خبر گردش ۾ آهي ته چين پنهنجو مصنوعي سج ٺاهي ورتو آهي. اهوسج جهڙو آبجيڪٽ دراصل نيوڪليئر فيـوزن ري ايڪٽر آهي. انسان جي تيار ڪيل هن هٿرادو سج جو گرمي پد ست ڪروڙ ڊگري سيلسيئس آهي، جيڪو قدرتي سج جي ٽيمپريچر کان پنج ڀيرا وڌيڪ آهي. اڄ دنيا ۾ ڊرائيور جي بغير اليڪٽرڪ ڪار روڊ هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. انسان جي جسم جي تقريبن سمورن عضون جي ٽرانسپلانٽيشن ٿي رهي آهي، هاڻي ته سوئر جي دل ماڻهوءَ جي دل جي جاءِ تي لڳائي وئي آهي. ناسا وارن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو ۽ مريخ جون ايتري ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي جو مريخ تي انساني سفر جوفيصلو ٿي رهيو آهي. ‘ايلان مَسڪ’ جي ڪمپني ‘اسپيس ايڪس’ مريخ تي هجرت ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي ۽ پنجن اٺن سالن ۾ انسان جي، مريخ تي رسائي ٿي چڪي هوندي. روبوٽڪس جي شعبي ايتري ترقي ڪئي آهي جو اڄ دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ گلشن جو ڪاروبار روبوٽ هلائن ٿا. انسان جي حساس سرجري روبوٽ ڪن ٿا. ٻه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ سِول اسپتال ۾ دل جي آپريشن روبوٽس پهريون دفعو ڪئي.

هاڻي اچو ته هڪ ننڍڙو جائزو وٺون ته ٺيڪ 28 سالن کان پوءِ سن 2050ع ۾ دنيا ڪيئن هوندي. چون ٿا ته جنهن تيزرفتاريءَ سان آرٽـيفيشل انـٽيلجنس، روبوٽڪس، اِسپيس ٽيڪنالاجي، سولر انرجي، اليڪٽرڪ ڊجيٽل اخبارهٿن ۾ هوندي، جيڪا هڪ دفعو خريد ڪبي، روز صبح جو ان جو لي آئوٽ پاڻمرادو تبديل ٿي ويندو ۽ اخبار اپ ڊيٽ ٿي ويندي. موبائيل فون ايئن ختم ٿي ويندي جيئن هاڻي لينڊ لائن واري فون ذري گھٽ ناپيد آهي. سِـم جي جاءِ نينو چِپ هوندي جيڪا سم وارو ڪم ڪندي ۽ ماڻهو قميص جي بٽڻ ۾، منڊيءَ ۾، ڪنن جي اِيـئر رنگس، نڪ جي نٿ يا پينٽ جي بيلٽ ۾هوندي ۽ ماڻهو سينسري ڇهاوَ سان رابطاڪاري ڪندا. ڪپڙا به ڊجيٽل بڻايا ويندا، جن کي ڌوئڻ جي ضروت نه پوندي. فائبر ميٽيريئل جي مواد جا اهي ڪپڙا موسم مطابق پاڻ ئي گرم ۽ ٿڌا ٿيندا رهندا. ترجمي جي لاءِ مترجمن کي نور نچوئڻو نه پوندو بلڪه يونيورسل ٽرانسليشن جا سافٽ ويئر توهان جي سمارٽ ڪارڊ ۾ انسٽال ڪيا ويندا. ماڻهو ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ڳالهائيندو ۽ اُتي جو اُتي ترجمو ٿي توهان جي ڪنن تائين، توهان جي گھربل ٻوليءَ ۾ٻڌبو. ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي هولوگرام وجود ۾ اچي چڪو آهي. ٿري ڊي پرنٽر، ڇپائي جي اهڙي مشين يا پرنٽر آهي جنهن جي وسيلي گلاس، بوٽ، عينڪ، بوتل ۽ اهڙيون بي شمار شيون ڪمپيوٽر جي هڪ ڪِلڪ سان پرنٽ ٿي رهيون آهن، جيئن اسان پرنٽر مان پنو پرنٽ ڪندا آهيون.

تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل جون انجڻيون عجائب گھرن ۾ وڃي بچنديون. روڊ جون گاڏيون، ٽرينـون ۽ جهاز سڀ اليڪٽرڪ ميگنيٽڪ ٽيڪنالاجيءَ تي اچي وينديون. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ کان ڪنهن به ڪنڊ تائين پهچڻ لاءِ اڌ  مُني ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت نه لڳندو. ان سموري ترقيءَ جو سهرو ڀائو ايلان مَسڪ (Elon Musk) جي ڪمپني ‘ٽيسلا’ کي ويندو. ساڳي ئي ايلان مسڪ جي ڪمپني ‘سولر سِٽي’ جيڪا شمسي توانائيءَ تي ڪم ڪري رهي آهي. 2050ع ۾ گھر سيمنٽ ۽ بجري جا نه هوندا ۽ سِرون بٺي جون پڪل نه هونديون بلڪه فابر ڪنٽينٽيڊ بِرڪس هونديون، جيڪي سولر اِنرجي تي سج مان بجلي ٺاهينديون ۽ سموري گھر جي بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪنديون، يعني گھر هڪ ننڍڙو پاور پلانٽ هوندو. انساني ثقافتون، ريتون رسمون، رشتا ناتا، ذري گھٽ ناپيد ٿي ويندا.

ٻاويهين صدي الائي ڇاجي هوندي؟ پر ايڪويهين صديءَ جي برق رفتاريءَ کي ڏسي اهو اعتماد سان  چئي سگهجي ٿو ته ٻاويهين صدي نينو ٽيڪنالاجي، جينيات (Genomics) خلا(Space)  ۽ سيوِن ڊي (Seven Dimensional Technology)  جي صدي هوندي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ سمورين قومن، رياستن جا پاڻ ۾ صدين کان هلندڙ سياسي سماجي معاملا ۽ مسئلا باقي نه رهندا، بلڪه انسان جو ٽڪراءُ فطرت ۽ قدرت سان هوندو. ڌرتيءَ تي رهندڙ انساني آبادي گھڻي قدر مريخ ۽ ٻين سيارن تي هجرت ڪري چڪي هوندي. ايڪويهين ٻاويهين صدين کان پوءِ ايندڙ وارين صدين ۾ ڌرتي، مريخ ۽ ٻيا گرهه، ڪائنات، انسان ۽ ٻيون مخلوقات ڪيئن هونديون ۽ ڪهڙي زندگي جيئنديون؟ انساني زندگي ڪهڙي نوعيت جي هوندي ۽ سماج، معاشرو ڪيئن هوندو؟ ان سوال جو جواب ٽافـلر جهڙو فيوچرسٽ ئي ڏئي پئي سگهيو پر اها ڳالهه اعتماد سان چئي سگھجي ٿي ته ايندڙ پنجاهه سؤ سالن ۾ دنيا ۽ انسان جي زندگيءَ  ۾جنهن نوعيت جي غير معمولي جادوئي تبديليون اچڻ واريون آهن ۽ هن صديءَ جي پڄاڻيءَ تي انسان سائنسي ترقيءَ ۾ اُها ڪاميابي ڪري چڪو هوندو، جنهن جي ڳالهه ڪرڻ به هاڻي هِن دؤر جي عام ذهن رکندڙن کي جادو يا ڊاڙ هڻڻ جي برابر آهي.