لانگ مارچ سان حڪومت ڪيئن ختم ٿيندي؟

0
128
پيپلزپارٽي-جي-قيادت-کي-اکيون-کولڻ-گهرج

پيپلزپارٽي ملڪ ۾ ھر روز وڌندڙ مھانگائي، بيروزگاري، پيٽروليم مصنوعات، بجلي جي قيمتن۾واڌ، سنڌ کي پنهنجي حصي جي گيس نه ملڻ خلاف ايندڙ مهيني 27فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد طرف عمران حڪومت جي خلاف لانگ مارچ ڪندي ڊي چوڪ پھچي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جو اعلان ڪري پارٽي جي ايم اين ايز، ايم پي ايز توڙي اڳواڻن کي وڌ کان وڌ ڪارڪنن کي لانگ مارچ م گڏ وٽي ھلڻ جي  ھدايت ڪئي آهي ته ٻئي طرف پي ٽي آئي  سنڌ حڪومت جي بلدياتي قانون جي خلاف ساڳي تاريخ يعني 27فيبروري تي پنجاب کان ڪراچي تائين  پڻ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي وزير شاھه محمود قريشي ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته رستي م ملاقات ٿيندي، ۽ اسان ڪراچي پھچي ان ڪاري قانون  خلاف ڌرڻو هڻنداسين.

ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ وفاق توڙي باقي صوبن م پي ٽي آئي جي حڪومت قائم آهي. انھن کي گھربو اھو هو ته ٻئي حڪومتون ڪارڪردگي ذريعي عوام جو ڌيان ڇڪائين ها. پيپلزپارٽي جي 2008ع کان ھن وقت تائين سنڌ ۾ حڪومت قائم آهي ۽ قومي اسيمبلي يا سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ ميمبر تقريبن 14 سالن کان وٺي ساگيا ويٺا آهن پر پيپلزپارٽي جي قيادت آصف زرداري توڙي بلاول ڀٽو زرداري انھن ميمبرن کان اھو پڇاڻو ڪرڻ جي زحمت به ناهي ڪئي صرف ھر ھڪ ميمبر کان صوبي جي ھر شھر توڙي ڳوٺن بابت سندن آڏو اھو سوال ڪن ته ھن وقت تائين سندن تڪن جي شھرن يا ڳوٽن م ڪيتري ترقي ٿي آهي،  صحت، تعليم، پاڻي سميت ڪيترا مسئلا حل ٿي چڪا بيروزگاري جو خاتمو ٿي ويو آهي يا نه؟ ھن وقت سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن جي حالت اها آهي جو ڪابه بنيادي سھولت ناهي.

چونڊيل ميمبرن جي باري۾ عام راءِ اها آهي ته ووٽرن جو ڪوبه رابطو ناهي جيڪڏهن ڪجھه ووٽرن جو تڪ جي چونڊيل نمائندي سان رابطو ٿي به ويو ته ووٽرن کي مستقبل جا سھڻا خواب ڏيکاري واپس ڪري ڇڏين ٿا. حالانڪه سنڌ حڪومت پنهنجي ميمبرن کي ڪروڙين روپين جا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن جن جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه انڪوائري ڪرائڻ به مناسب ناھي سمجھو ته اھي فنڊ استعمال ڪيا ويا آهن يا ماضي وانگر ڪرپشن جي نظر چڙهي ويا. ھن وقت سنڌ حڪومت دعوي ٿي  ڪري ته سنڌ۾ ترقي ٿي رهي آهي ، ليڪن حقيقت ان جي ابتڙ آهي ڪوبه شھر ماڊل طور تي پيش نٿا ڪري سگهن ته فلاڻي شھر ۽ڳوٺن م ترقي ڪرائي ڇڏي آهي.

ذڪر لانگ مارچ جو ته سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ يا مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي قيادت پنھنجي ڪارڪنن توڙي ووٽرن کي سرگرم رکڻ جي لاءِ ان قسم جا مارچ ڪرائي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 24/24ڪلاڪن تائين پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بڻائي ڇڏيندا. پيپلزپارٽي جو مارچ ڪراچي مان شروع ٿي پنجاب جي جي ٽي روڊ تي ايندو ساڳي طرح پي ٽي آئي جو مارچ پنجاب جي جي ٽي روڊ کان شروع ٿيندي سنڌ۾ داخل ٿيندو ته ميديا ۾ بريڪنگ نيوز جو مقابلو هوندو. پيپلزپارٽي جي قيادت اسلام آباد جي ڊي چوڪ پھچي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ته وري پي ٽي آئي وارا ڪراچي پھچي بلدياتي قانون جي خاتمي جو اعلان ڪندا.

ھوڏانھن پي ڊي ايم به 23 مارچ تي اسلام آباد طرف عوامي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت جي خاتمي تائين اسلام آباد۾ ڌرڻو جاري رکڻ جي به دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، ليڪن ماضي ۾ ان قسم جي ٿيل لانگ مارچ سان ڪڏهن به حڪومتن جو خاتمو  نه ٿي سگهيو آهي  وقتي طور تي ان وقت جي حڪومتن کي سياسي جھٽڪا ضرور لگندا رھيا  آهن ۽ ڪمزور ٿينديون رھيون آهن. جڏهن اقتدار جي اصل قوتن فيصلو ڪيو ته ان کانپوءِ ڪا به حڪومت پنھنجي مدت پوري نه ڪري سگھي. تازو گھرو وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي  آھي ته  عمران خان جي مٿان انھن جو ھٿ آھي جن سان سياستدان گيٽ نمبر چار مان وڃي ملن ٿا يا اھي گيٽ نمبر چار جي پيداوار آهن. ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جن قوتن طرف شيخ رشيد جو اشارو آهي واقعي انھن قوتن جي عمران خان کي حمايت حاصل آهي؟ جيڪڏهن واقعي آھي ته پوءِ حڪومت مدت پوري ڪندي باقي مخالف ڌر جون پارٽيون جيڪي دعويٰ ڪري رھيون آھن ته حڪومت اڄ وئي يا سباڻي وئي ان دعويٰ جي باري۾ ته وقت ثابت ڪندو.