ھڪ سئو 90 سالن جي ڪُمي سڀ کان وڏي ڄمار جو رڪارڊ ٺاهي ورتو

0
465
ھڪ سئو 90 سالن جي ڪُمي سڀ کان وڏي ڄمار جو رڪارڊ ٺاهي ورتو
ھڪ سئو 90 سالن جي ڪُمي سڀ کان وڏي ڄمار جو رڪارڊ ٺاهي ورتو

ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ هڪ ڪُمي اهڙي به موجود آهي جنهن جي عمر هڪ سئو يا ڏيڍسئو سال نه پر پورا 190 سال آهي. ان ڏس ۾ 190 سالن جي ڪُمي سڀ کان وڏي ڄمار جو رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي. 1832ع ۾ ڄمندڙ ڪُمي جوناٿن کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويوآهي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي انتظاميا موجب جوناٿن نالي ڪُمي سن 1832 ۾ ڄائي جيڪا اڃا تائين جيئري آهي. گنيز بڪ انتظاميا موجب ان کان اڳ وڏي ڄمار جي ڪمي هجڻ جو رڪارڊ ٽوئي ماليا نالي ڪمي وٽ هو. ٽوئي ماليا نالي اها ڪمي 188 ورهين جي هئي، جنهن ڪري کيس وڏي ڄمار جو رڪارڊ ڏنو ويو هو، پر هاڻي اهو رڪارڊ جوناٿن نالي ڪمي وٽ آهي. جوناٿن ڪمي جون تصويرون سوشل ميڊياتي به وائرل ٿي ويون آهن.

 

ھي به پڙھندا

 

اي سي روم مان نڪرو ڪم ڪيو: اداڪارا رابعا ڪلثوم جي مريم نواز تي تنقيد