ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ 17هين گريڊ جي وٽرنري آفيسرن جون مختلف ضلعن ۾ مقرريون ڪيون آهن، گذريل سال ڪميشن امتحان پاس ڪندڙ 72 وٽرنري آفيسرن کي پولٽري پروڊڪشن شعبي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ماريا احمد کي حيدرآباد، حاڪم علي کي ٺٽو، اياز علي کي حيدرآباد، آفتاب علي کي شڪارپور،  ارشد علي کي لاڙڪاڻو، عنايت علي کي شهيد بينظيرآبد، احسان علي کي شڪارپور ۾ مقرر  ڪيو ويو آهي