ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان ٽيڪسي ڊرائيور جو معصوم پُٽ بيگاري ڪينال ۾ ٻڏي فوت، خبر موجب ڳوٺ دلي جان عمراڻي ۾ 5 ورھين جو ٻارڙو مختيار علي عمراڻي بيگاري ڪينال ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي ٻارڙي جو لاش بيگاري ڪينال مان باءِ پاس وٽان هٿ ڪري ورتو، معصوم ٻارڙي جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.