ڳڙهي خيرو: خانگي اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت فوت، لاپرواهي جو الزام

0
175

ڳڙهي خيرو(ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان بلوچستان جي شھر اوستا محمد جي خانگي اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي لاپرواهي جو الزام، احتجاج، ڳوٺ شاه مير لاشاري جي رھواسي عبدالحڪيم لاشاري جي گھرواري 30 ساله مسمات زليخان لاشاري اوستا محمد جي خانگي اسپتال ۾ عطائي ڊاڪٽرياڻي پاران مبينا غلط علاج سبب فوت ٿي وئي آهي ، تعلقه اسپتال اوستا محمد ٻاھران صحافين سان ڳالهائيندي فوتي عورت جي پيءُ رحمت الله لاشاري ۽ والدہ ٻڌايو ته سندن ڌي زليخان ٽي ڏينهن اڳ بيمار ٿي جنھن کي علاج لاءِ اوستا محمد جي خانگي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مريم وٽ کڻي آياسين جنهن ٽن ڏينهن جي دوا ڏني ۽ اڄ جڏهن واپس اسپتال پھتاسين ته ڊاڪٽرياڻي پاران آپريشن جو چيو ويو ۽ ستر هزار فيس به ورتي ٻن گھنٽن بعد سندن نياڻي جو لاش ڏنو اسان جي احتجاج ڪرڻ تي ڊاڪٽرياڻي چيو ته آپريشن لاءِ ڏنل واپس پئسا واپس وٺو ۽ خاموش ٿيو ، انھن ڊي ايڇ او جعفرآباد ۽ ٻين وس وارن کان معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آھي ، ٻئي پاسي اوستا محمد اسپتال ۾ پوليس سرجن نه ھجڻ جي ڪري عورت جو لاش ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ڊيرا الله يار منتقل ڪيو ويو آهي.