فيض گنج: احساس ڪفالت جي رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري

0
305

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ احساس ڪفالت جي 12هزار واري قسط مان سري عام ٻه هزار رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، احساس ڪفالت سينٽرن تي شاگردن ۽شاگردياڻين جي بي فارم وارن پئسن مان ڊوائيس هولڊرز ڪٽوتي ڪرڻ لڳا، ايجنٽ مافيا شاگردن جي اسڪالرشپ وارن پئسن مان به نه مڙيا، شاگردن جا ٻه سئو کان 5سو رپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، احساس ڪفالت سينٽرن تي عورتون جا پئسا ته ڪٽوتي ڪيا پئي ويا پر هاڻي شاگردن جا پئسا به ڪٽيا پيا وڃن، شاگردن ۽شاگردياڻين جي والدين دانهون ڪندي ٻڌايو ته پئسا رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ واپس ڪيو وڃي ٿو، احساس ڪفالت سينٽرن هلائندڙن خلاف شڪايتون ڪرڻ باوجود انتظاميه ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آهي شاگردن جا والدين ڊوائيس هولڊر خلاف ڪاروائي ڪري شاگردن کي پنهنجا پورا پئسا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.