ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلي جي يوسي ماٽو جي وارڊ 1 عمر ڀيو جي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سببب چارئي وارڊ گندگي جي ڍير ۾ تبديل. ان سلسلي ۾ ڳيريلي جي يوسي ماٽو جي وارڊ 1 عمر ڀيو جي رهواسين عاشق حسين هڪڙو، عبدالرزاق سنجراڻي، امداد حسين، عادل حسين، غلام حسين ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڳوٺ جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب چوڪن، چوراهن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن. جڏهن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ سبب ناليون اوور ٽاپ ٿي انهن جو گندو پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته گندگي سبب مختلف بيمارين مليريا، گيسٽرو، ساهه جي تڪليف، سوري توڙي ٻين بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي. هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته فوري طور صفائي سٿرائي ڪرائي ڳوٺاڻن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي يوسي چيئرمين فاروق احمد جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن وقت اسان جي هٿ وس ڪجهه به ناهي  يوسي سيڪريٽري کي بدلي ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻيو سيڪريٽري هن وقت تائين مقرر ناهي ٿي سگهيو، سيڪريٽري جي اچڻ بعد جلد ئي صفائي سٿرائي جي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.