ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهري حسن عباس جي قتل ۾ ملوث سي ٽي ڊي جي 3 اهلڪارن سميت 4 جوابدارن جي ضمانت رد، عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، گرفتاري بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڪ اپ ۾ بند، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري حسن عباس کي قتل ڪري واقعي کي ڦر جي واردات ڄاڻائڻ واري ڪيس ۾ سي ٽي ڊي جي 3 اهلڪارن سميت 4 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ان موقعي تي الفلاح ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او سعادت بٽ، ذوالفقار، ڪامران ۽ سيد سلمان عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس کين گرفتار ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ جبران ناصر ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته سيد سلمان مقتول حسن عباس کي پنھنجي گهر گهرائي گوليون هڻي قتل ڪيو، پوليس وري قتل واري واقعي کي  ڦرلٽ جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اڳوڻي ايس ايچ او سميت پوليس اهلڪارن شاهديون مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، واقعي جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته 2021 ۾ چالان پيش ڪيو ويو، چالان منظور ٿيڻ بعد عدالت کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ جاچ آفيسر تبديل ڪري ٻيهر جاچ شروع ڪئي وئي، 3 سال گذرڻ باوجود جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي. پوليس موجب 2020ع ۾ ايس ايچ او سعادت بٽ، ذوالفقار ۽ ڪامران الفلاح ٿاڻي تي مقرر ھئا،