گھڻو ٿيو، ڪوڙي پروپئگنڊا ڪرڻ تي عمر فاروق، نجي ٽي وي ۽ اينڪر خلاف قانون ڪارروائي ڪندس: عمران خان

0
285

پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان پاران توشه خانه جي گهڙي خريد ڪرڻ جي دعويدار عمر فاروق ظهور، نجي ٽي وي چينل ۽ ان جو شو ڪندڙ اينڪر خلاف لنڊن ۾ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

ٽوئيٽ بيان ۾ پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان چيو ته بس هاڻي گهڻو ٿي ويو، رات منهنجي خلاف نجي ٽي وي تي بي بنياد بهتان بازي ڪئي وئي

 

فواد چوڌري، ذوالفي بخاري ۽ شيرين مزاري پاران به عمر فاروق ظهور ڪوڙو قرار ڏنو ويو آھي، فواد چوڌري چيو آهي ته عمر ظهور خلاف دبئي ۾ قانوني ڪارروائي ڪنداسين، عمر ظهور حڪومت تبديل ٿيڻ کان اڳ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گهربل هو

پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب حڪومت تبديل ٿيڻ بعد هن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو، ذولفي بخاري چيو ته توشه خاني جون گاڏيون استعمال ڪندڙ آصف زرداري ۽ نوازشريف جو ڪير نالو ڇو نه پيو کڻي، شيرين مزاري چيو ته ترڪ خاتون اول جو هار چورائيندڙ يوسف رضا گيلاني ماڻهن کان ڇو وسري ويو آهي

ھي به پڙھندا

اسان جو آرمي چيف لاءِ ڪو به نالو پسنديده ناهي: خواجا آصف