اسان جو آرمي چيف لاءِ ڪو به نالو پسنديده ناهي: خواجا آصف

0
254
اسان جو آرمي چيف لاءِ

ڪراچي (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ فوج طرفان موڪليل نالن مان نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان جو آرمي چيف لاءِ ڪو به پسنديده نالو ناهي

سرڪاري خابرو اداري اي پي پي موجب پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان ملڪ جي سالميت، اتحاد، وقار ۽ عالمي لاڳاپن کي نقصان پهچائي رياست خلاف ڏوهه ڪيو آهي، حڪومت عمران خان خلاف ڪارروائي تي غور ڪري رهي آهي

آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو عمل اڃا شروع ناهي ٿيو ته پوءِ آرمي چيف جي نالي تي ڊيڊ لاڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿو، نئين آرمي چيف جي مقرري جو عمل هلندڙ مهيني 18 کان 19 نومبر تائين شروع ٿيندو

بچاءَ واري وزير چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ فوج طرفان جيڪي نالا موڪليا ويندا انهن مان نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان وٽ آرمي چيف لاءِ پسنديده نالو ناهي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف پاران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو الوداعي دورو