گھوٽڪي ۾ بااثرن پاران پورھيت تي وحشياڻو تشدد، تذليل ڪري وڊيو رڪارڊ

0
261
پورھيت تي وحشياڻو تشدد
گھوٽڪي ۾ بااثرن پاران پورھيت تي وحشياڻو تشدد، تذليل ڪري وڊيو رڪارڊ

گهوٽڪي(ن پ ا) گھوٽڪي ۾ بااثرن پاران پورھيت تي وحشياڻو تشدد ۽ تذليل ڪري وڊيو رڪارڊ ڪيو ويو، عادلپور ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي مدد جي الزام ھيٺ پورھيت ضمير ڪلوڙ کي بااثرن اغوا ڪري وحشياڻي تشدد بعد تذليل جو نشانو بڻايو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، ڪجه ڏينهن اڳ ناري گلشن بانو نوجوان ڪامران ڪلوڙ سان گھران نڪري عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، پورھيت ضمير ڪلوڙ مٿان جوڙي جي مدد ڪرڻ جو الزام هو، پورھيت نوجوان ضمير احمد کي گھوٽڪي جي سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو آهي، عادلپور پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.