گڊو ويجهو مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري مارجي ويو

0
165
گڊو ويجهو مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري مارجي ويو
گڊو ويجهو مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري مارجي ويو

گڊو(ن پ ا) گڊو ويجھو پنجاب جي علائقي روجھاڻ مزاري وٽ انڊس ھاءِ وي تي نامعلوم ڏوھاري ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا

پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع تي روجھاڻ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي تي ڏوھارين پوليس جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني

پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ھڪ ڏوھاري پنھنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ناظم عباس گوپانگ طور ٿي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوھاري مٿان ڦر سميت چار ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل آھن، ڏوھارين پوليس موبائل مٿان فائرنگ پر اھڪار معجزاڻي طور محفوظ رھيا.

مارجي ويل ڏوھاري کي تعلقه اسپتال روجھاڻ منتقل ڪيو ويو آھي.