ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سيوهڻ اسپتال ۾ 100 مريضن کي آندو ويو. ڳڙهي حسن جي سرڪي محلا ۾  هڪ سال جو ايان پٽ امداد ڌوئو مليريا وگهي فوت ٿي ويو. ڳڙهي حسن جي ڳوٺ شمبو بروهي ۾ 45 ورهين جو پورهيت تڳيو ولد محمد علي بروهي مليريا وگهي فوت ٿي ويو. سيتاروڊ  جي ڳوٺ نظام آباد ۾ 4 ورهين جي نياڻي ڪلثوم ڌي بشير رند گيسٽرو سبب موت جو کاڄ بڻجي وئي. دولتپورصفن جي ڳوٺ سنگل اوٺو جي 45 ورهين جي مسمات نور خاتون اوٺو مليريا وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ کڙ واسي 14 ورهين جو نويش گلاباڻي به مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو.  سيھڙ اسٽيشن جي رھواسي پورهيت صاحب ڪولاچي جي نوجوان نياڻي 14 سالا سونهن ڪولاچي تيز بخار ھئڻ ڪري فوت ٿي وئي.قمبر جي ڳوٺ ٻير جي رهواسڻ 35 سال جي وزيران زال مجاهد تنيو مليريا وگهي فوت ٿي وئي. ڳوٺ همايون مغيري واسي نوجوان اڪرم مغيري مليريا بخار سبب فوت ٿي ويو.گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ ابراهيم ۾ 60 ورهين جو کبڙ پنھور ۽ ڳوٺ کڏھري ۾ 5 ورهين جو نينگر شاھ زمان ڏيپر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا.ٺل جي ڳوٺ غلام نبي نوناري ۾ 4 ورهين جي ثمينه ڌيءُ مختيار نوناري ۽ ٺل جي قريشي پاڙي ۾ 50 ورهين جو انيس الرحمان قريشي مليريا وگهي فوت ٿي ويا. ٺل باءِ پاس تي برسات متاثر رليف ڪئمپ ۾ 45 ورهين جي مورخه جعفري ۽ نوجوان منير احمد سهندڙو مليريا وگهي فوت ٿي ويا،ڳوٺ صاحبڏنو سومرو ۾ مليريا وگهي نينگري مبينا ڌي ءُبرڪت سومرو مليريا وگهي فوت ٿي وئي، مليريا ۾ فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. ٺل جي تعلقي اسپتال ۾ مليريا،کنگهه، گيسٽرو ۽ چمڙي جون دائون اڻلڀ آهن.خيرپور ۾ برساتن بعد مليريا جو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو. گذريل ڏينهن سائده ڳوٺ جو رھواسي 8 سالن جو نينگر محمد وارث بڙدي ۽ واپڊا اسڪارپ خيرپور جو رھواسي نوجوان علي نواز شيخ مليريا وگهي فوت ٿي ويا. هوڏانهن مليريا ۽ گيسٽرو جي مرض سبب 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جي گيسٽرو ۽ مليريا مريض 72 ڄڻن کي سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو.اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ غلام فريد سومرو واسي 25 سالن جو نوجوان سڌير سومرو دست، الٽين جي عارضي سبب نوابشاھ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان ڪاري ڪامڻ جو پڻ مريض هو. واضح هجي ته يوسي اڪري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٽن هفتن دوران گيسٽرو وگهي فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي.سيوھڻ جي ٻوڏ متاثرن ۾ مليريا ۽ گيسٽرو ڦھلجي وئي, 24 ڪلاڪن ۾ 1500 مريض اسپتال داخل  ڪيا ويا. ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي ٻڌايو آهي ته اسپتال ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ او پي ڊي ۾ 600 کان وڌيڪ مريض اسپتال پھچن ٿا. ٻوڏ متاثرن کي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ ۽ مڇرن جي پکڙجڻ ڪري بيماريون پکڙجي رهيون آهن.