ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪرڻ جو مطالبو، ان ڏس ۾ نوشهروفيروز يونين ڪائونسل ابڙان ۽ وڳڻ جي آبادگارن پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف جميل الرحمان، ممتاز خاصخيلي، غلام سرور وڳڻ جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.  قاضي احمد  يوسي ڏيڙان جي مختلف ڳوٺن جي رھواسين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. محبت ديرو ۾ ڳوٺن شيخاڻي ڀئونر، ڳوٺ جڙيل ملاح، ڳوٺ مراد علي سيال ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين  ظفر علي، نعمت الله، جڙيل، رشيد، عبداللطيف، قادربخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري محبت ديرو پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين الزام هنيو ته اسان جي علائقن مان پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، مختيارڪار رات جي پيٽ ۾ متاثرن جو سامان من پسند سياسي ماڻھن کي رات جو ڏئي رھيو آھي. ميرپورخاص ۾  يوسي ترڪ علي مري جي رھواسين پاران  حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. قاضي احمد جي  يوسي جي ڳوٺ انجمن، صديق ڪالوني، رمضان راهو ڪالوني سميت ٻين علائقن مان ڏيڊ مھينو گذري وڃڻ جي باوجود برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، اهڙي عمل خلاف رهواسين نواب علي جوکيو،پانڌي جوکيو ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته اسان جا علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون، راشن توڙي ٽينٽ ناهن ملي سگهيا، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.