گول گپن جي شوقين ڪنوار لاءِ گول گپن جو تاج!

0
424

ڪراچي (م.ڊ) ’گول گپا‘ ڪنهن کي به پسند ٿي سگهن ٿا ۽ ڀارت جي ڳالهه ڪجي ته اتي گول گپن جا شوقين تمام گهڻا آهن. پر گول گپن کي جنون جي حد تائين چاهڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ڪنوار پنهنجي شادي واري ڏينهن گول گپن جو تاج پهريو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ، عورت کي گول گپن جو تاج پهريل ڏسي سگهجي ٿو. اهو ئي نه پر ڪنوار زيورن جي جاءِ تي ڳلي توڙي هٿن ۾ پڻ گول گپا پهريا آهن. سوشل ميڊيا تي ڪنوار جي ويڊيو وائرل ٿي چڪي آهي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا جي صارفين دلچسپ تبصرا پڻ شروع ڪري ڏنا آهن.