گهوٽڪي (رپورٽر) ڳوٺ جلال خان گهوٽو جو رهواسي جڳهن جو مستري منير احمد گهوٽو گهوٽڪي شهر جي ڌام ڪالوني ۾ تيز اس ۾ جڳهه جو ڪم ڪري رهيو ته بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو فوتي مستري منير احمد گهوٽو جو مڙهه ڳوٺ جلال گهوٽو پهتو ته روڄ راڙو پئجي ويو ،ٻڌايو پئي وڃي ته مستري منير احمد گهوٽو کي ڪم دوران مٿي کي چڪر آيا ۽ هو هيٺ لٿو ته بيهوش ٿي ڪري پيو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو ته سول اسپتال جي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.