گهوٽڪي: قتل جو ڏوهه ثابت، ٻن جوابدارن کي عمر قيد

0
277
ڪراچي ۾ سال جي سڀ

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن فاروق احمد عارباڻي ۽ ڌڻي بخش عارباڻي کي عمر قيد ۽ 10لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ۾ مقتول مير علي عارباڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران فريادي جي وڪيل عبيدالله گهوٽو ۽ جوابدارن جو وڪيل پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد مير علي عارباڻي جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي فاروق احمد عارباڻي ۽ ڌڻي بخش عارباڻي کي عمر قيد ۽ 5.5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، واضح رهي ته سال 2020 ۾ گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڄاڻايل جوابدارن ميرعلي عارباڻي کي قتل ڪيو هو جنهن جو قتل ڪيس ڄاڻايل جوابدارن مٿان مقتول جي ڀاءُ سهڻو عارباڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.