قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ عورت فوت

0
361
مورو ويجھو روڊ

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ عورت فوت ٿي وئي، نيشنل هاءِ وي رنگ محل شادي حال سامهون روڊ ڪراس ڪندڙ 40 ورهين جي حميده ڪوري کي تير رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي وئي، مقامي رهواسين ۽ پوليس فوتي عورت جو لاش قاضي احمد اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.