ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل وفاقي وزير امين گنڊاپور پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽوخلاف بيان ڏيڻ خلاف پيپلز پارٽي سنڌ آچر 18 جولاءِ تي صوبي جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائي بدزباني ڪندڙ امين گنڊاپور کي جواب ڏيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جو مخصوص ٽولو اسان جي ليڊر شِپ خلاف غلط ڳالهائي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، وزيراعظم عمران خان معاملي جو نوٽيس وٺي گنڊاپور کي وزارت تان فارغ ڪري.