راولپنڊي (م ڊ) پسني ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن آفان مسعود ۽ سپاهي بابر زمان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي پسني ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن ۽ سپاهي شهيد ٿي ويا. دهشتگردن پسني ۾ واقع خدا بخش بازار ۾ فورسز جي گاڏي کي بارودي سرنگ سان نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيپٽن آفان مسعود ۽ سپاهي بابر زمان شهيد ٿي ويا آهن. واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. جڏهن ته علائقي کي گهيري ۾ وٺي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو  ويو آهي. پاڪ فوج چيو آهي ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندڙ عناصرن کي ملڪ دشمن ايجنسين جي مدد حاصل آهي. ملڪ دشمن عناصر بلوچستان ۾ سخت محنت کانپوءِ حاصل ڪيل امن ۽ خوشحالي کي ختم نٿا ڪري سگهن. سيڪيورٽي فورسز هر قيمت تي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.