گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ جي امجد ڪالوني جي رهواسڻ سُميرا زال ثقلين آرائين مبينا گهرو اڻبڻت تان روهڙي ڪئنال جي پل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو آهي، شهرين جي اهڙي اطلاع تي پوليس ۽ عورت جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ لاش جي ڳولها ڪئي پئي وڃي. پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سميرا گهروارن سان ناراض ٿي روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته عورت روهڙي ڪئنال تي پهچي موبائل تي ڪنهن سان ڳالهائڻ کانپوءِ روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته عورت ٽن مهينن سان ڳورهاري آهي، وارث عورت جي آپگهات سبب سخت پريشان آهن، جڏهن ته واقعي جو اصل ڪارڻ فوري طور تي معلوم ناهي ٿي سگهيو. هوڏانهن مختيارڪار گمبٽ خانگي ٽوٻا گهرائي روهڙي ڪئنال ۾ عورت جي لاش جي ڳولها ڪئي پئي وڃي. عورت پاران آپگهات ڪرڻ واري اطلاع تي وڏي انگ ۾ شهري به روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تي پهتا. آخري اطلاعن تائين عورت جو لاش هٿ اچي ناهي سگهيو ۽ ٽوٻن جي مدد سان ڪئنال جي تيز وهڪري ۾ لاش جي ڳولها ڪئي پئي وڃي.