گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ ماسٽر بلاسٽر گمبٽ ۽ گمبٽ لائنز وچ ۾ فائينل مقابلو ٿيو. ماسٽر بلاسٽر پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 7 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنز ٺاهيون. گمبٽ لائينز  مقرر 7 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي صرف 98 رنسون ٺاهي سگهي. بهترين  بيٽنگ ڪندڙ اياز علي کهڙو  85 اسڪور ٺاهي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻيو. ماسٽر بلاسٽر گمبٽ جي جي ڪپتان کي ونر ٽرافي ڏني وئي.