آنڌراپرديش (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ پيءُ پنهنجي 3 ورهين جي نياڻي کي ڪارو جادو ڪندي ماري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب دل ڏکوئيندڙ هي واقعو رياست آنڌرا پرديش ۾ آيو جتي وينوگوپال نالي شخص ڪاروبار ۾ ناڪامي جي بندش سمجهندي ان جي ٽوڙ جي طور تي پنهنجي 3 ورهين جي نياڻي کي ڪاري جادو جي لاءِ استعمال ڪيو. ڪاري جادو جي عمل دوران بي رحم پيءُ پنهنجي معصوم نياڻي کي هيڊ جي پاڻي سان وهنجاري ڇڏيو ۽ وات ۾ ڳاڙهي هيڊ وجهي ڇڏي، ٻارڙي هيڊ کي ڪڍڻ چاهيون ته پيءُ کيس گهٽو ڏنو ته ٻارڙي دم ڏئي ڇڏيو. جنهن تي ٻي ڌيءُ گھرائجي وئي ۽ ٻاهر نڪري رڙيون ڪرڻ لڳي، پاڙي وارا گھر ۾ داخل ٿيا ته خطرناڪ نظارو سامهون هيو. اطلاع ملڻ تي پوليس فوري ڪارروائي ڪري قاتل پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته پاڙيسري ٻارڙي کي اسپتال کڻائي ويا پر علاج شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ٻارڙي دم ڏئي ڇڏيو هو، قاتل پيءُ سرون وڪرو ڪندو هيو.