گمبٽ (ن پ ا) خيرپور جي مير مراد جي نالي سان منصوب گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ انتظامي طور تي سنڌ جي ساک واري تعليمي اداري آءِ بي اي سکر حوالي ٿي ويو آهي. مراد هاءِ اسڪول جي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جي ڪوششن سان تاريخي اسڪول کي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي حوالي ڪيو ويو آهي.