ٺٽو ( رپورٽر ) گجو ويجھو سلطان آباد ڀرسان ڳوٺ نورمحمد ٿھيم ۾ تازو برساتن بعد بي ايڇ يو نورمحمد ٿھيم  جي ڇٿ مان اوچتو چاپڙن ڪرڻ دوران ڊيوٽي تي موجود اسٽاف ۽ مريض معجزاڻي طور بچي ويا. ان ڏس ۾ بي ايڇ ايو نور محمد ٿھيم جي ڊاڪٽر سنيل ڪمار ٻڌايو آهي تہ ڪيترائي ڀيرا پي پي ايڇ آءِ وارن کي اسپتال جي عمارت جي زبون حالي بابت لکت ۾ درخواستون ڏئي چڪا آھيون پر ڪوبہ قدم نہ کينو ويو آهي جڏهن ته اوچتو اسپتال جي ڇت مان چاپڙن ڪرڻ سبب هو ڪنھن وڏاي امڪاني حادثي کان معجزاڻي طور تي بچي ويا آهن ڇاڪان جو عمارت زبون حال بڻجڻ سان گڏ بي ايڇ يو ۾ دوائن جي پڻ کوٽ برقرار آھي، اسان ڪيترائي ڀيرا مسلسل ھن طرف لکت ۾ ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر ڪو بہ تحرڪ ناھي ورتو ويو اسپتال جي اسٽاف پي پي ايڇ آئي انتظاميہ کان مطالبوڪندي گھر ڪئي آهي فوري طور بي ايڇ يو جي نور محمد ٿھيم جي مرمت ڪرائي، دوائن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.