ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ لڳ ڳوٺ نٿو پنجابي ۾ قائم  گورنمنٽ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان  ڪري پيا، چاپڙ ڪرڻ سبب اسڪول جي ڪلاسن ۾ موجود فرنيچر ٽٽي تباهه ٿي ويو، جڏهن ته استاد ۽ شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رھيا، ٻي طرف ڪلاسـن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٻارڙا کلي آسمان ھيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان حوالي سان اسڪول جي پرنسپال محمد اشرف چوھاڻ ٻڌايو ته برساتن سبب اسڪول جي ڇتين مٿان بارشي پاڻي بيھجي ويو ھو، جنهن بعد اڄ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا آهن، هن تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.