ڪڙيو گھنور (رپوٽ: عبدالرسول سمون ) ڪڙيو گھنور شھر جي مڇاري چوڪ وٽ پورھيت ٿاڻي جي وڏي منشي جي زيادتين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ لاءِ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو، شھرين کيس زوري ھيٺ لاهي بچائي ورتو. خبر موجب ڪڙيو گھنور جي مڇاري چوڪ تي پورھيت اسٽارٽر محمد اسلم خاصخيلي ڪڙيو گهنور ٿاڻي جي وڏي منشي اڪبر ناريجو جي مبينا زيادتين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ لاءِ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو. ان دوران شھرين وڏي ڪوشش بعد کيس ٿنڀي تان هيٺ لاهي بچائي ورتو. خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندڙ پورهيت اسلم خاصخيلي چيو ته منھنجو گذر سفر مسافر گاڏين جي اڏي تي آهي، پندرهن گهرڀاتين جو اڪيلو ڪمائيندڙ آھيان. ڪڙيو گهنور ٿاڻي جو وڏو منشي اڪبر ناريجو گزريل ٽن سالن کان اڪبر ناريجو منهنجي مخالف زميندار فدا نظاماڻي جي چرچ تي مون کي تذليل جو نشانو بڻائيندو رهندو آهي. ڄاڻايل زميندار بس اڏي جي اسٽارٽري پنهنجي هٿ وس ڪرڻ چاهي ٿو. اڄ به مون کي ٿاڻي تي گهرائي لاڪ اپ ڪري ڇڏيائين. هن چيو اڪبر ناريجو ايس ايس پي توڙي ايس ايچ او کي کنگهي ئي نٿو. هن سڄو تر تپائي ڇڏيو آھي، سندس آزارکان نجات ڏياري وڃي. ٻئي پاسي ايس ايچ او ڪڙيو گهنور اصغر سٺيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته فدا نظاماڻي ۽ اسلم خاصخلي ۾ اڏي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آھي. معاملي جي جاچ ڪئي پئي آهي.