ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 45 سالن جو محمد يعقوب خاصخيلي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي يو. مقتول جي ڀاءُ محمد صالح خاصخيلي جي فرياد تي نئون آباد ٿاڻي تي 6 جوابدارن تي قتل ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، شاهنواز خاصخيلي، علي حسن خاصخيلي، نور علي، روشن علي، صدام ۽ نواز خاصخيلي کي ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. نئون آباد پوليس مقتول محمد يعقوب خاصخيلي جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد قانوني گهرجون پوري ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول محمد يعقوب خاصخيلي جي جنازي نماز تلاشاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي سميت علائقي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقتول کي تلاشاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي مقتول يعقوب خاصخيلي جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو. تڏي تي پ پ ايم پي اي ڌرين کي وڌيڪ جهيڙو ڪرڻ کان روڪي تڪرار ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، تڏي تي پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي کين چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان تي ڏک ٿيو آهي. پ پ ايم پي اي نئون آباد پوليس کي سخت هدايتون ڏيندي چيو ته قتل ۾ جيڪي جوابدار ملوث آهن انهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.