ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ شھر ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سماجي ڪارڪنن پاران ڄاڳرتا ريلي ڪڍي ايندڙ ويندڙ ماڻھن ۽ دڪاندارن ۾ ماسڪ ورھايا ۽ سماجي وٿي قائم رکڻ لاء دڪانن اڳيان گول دائرا ٺاھيا ويا. تفصيل موجب مسلم ھينڊز ۽ ايڪٽو سٽيزن ساحل يوٿ گروپ جي اڳواڻن ابو طالب خاصخيلي، اسد مھراڻوي، ربڏنو نوتيار، رضا شاھ، نويد شاھ، طالب ٿيٻو، سيد حسن علي، نوراحمد، ظفر علي، محمد حنيف ٿيٻو، اظھر علي، امانت حسين، شاھد علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي، مختلف علائقن جي دڪان تي وڃي واپارين ۽ ايندڙ ويندڙ عام شھرين ۾ ماسڪ تقسيم ڪيا ۽ دڪانن اڳيان سماجي وٿي قائم رکڻ لاءِ گول دائرا لڳايا ويا. سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ احتياط ڪرڻ ضروري آھي، احتياط سان ئي زندگيون محفوظ رھي سگھن ٿيون. هنن ماڻهن تي زور ڀريو ته ايس او پيز تي عمل ڪري پاڻ ۽ پنھنجن پيارن جون حياتيون محفوظ بڻايون وڃن.