مٽياري (رپورٽر) ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر مٽياري جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ نه ٿيڻ خلاف رهواسين پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ خان محمد، عمران، ثناءﷲ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ضلعي مٽياري جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي مختلف علائقن جنهن ۾ ميان پوٽا، باقيل پوٽا، مڱڻھار محلا سميت ٻين هنڌن تي ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي سپلاءِ بند هجڻ سبب اسان سخت پريشان آهيون هنن چيو ته ڀلاري مهيني ۾ پئيڻ جي پاڻي جي لپ نه ٿي ملي پئسن تي پاڻي وٺي واپرائي رهيا آهيو انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس ۾ لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي پاڻي نه ٿو ملي. هنن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي پاڻي فراهمي يقيني بڻايو وڃي.