ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ لڳ احمد شاھ موري ڳوٺ حاجي آچار ملاح ۾ معمولي ڳالهه تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ڪھاڙيون ۽ بندوق جا ڇرا لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي انڊس اسپتال بدين آندو ويو، 2 ڄڻا حيدرآباد ريفر، واقعي جي ايف آءِ آر داخل. ڪڍڻ لڳ احمد شاھ موري ڳوٺ حاجي آچار ملاح ۾ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، بندوق جا ڇرا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات زبيدہ زال الھڏنو ملاح نوربانو زال عبدالستار ملاح حاجياڻي زال بشارت ملاح الھڏنو ملاح ۽ بشارت ملاح شامل  زخمين کي انڊس اسپتال بدين آنڌو ويو جتي ٻن ڄڻن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن ته ٽن عورتن جو انڊس اسپتال بدين ۾ علاج ھلندڙ آھي. واقعي جي ايف آءِ آر بدين ٿاڻي تي داخل. زخمين جي وارث محمد ملاح ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پنھون ملاح امير حسن ملاح خادم ملاح زاھد ملاح عبدالستار ملاح عباس ملاح ۽ ٻين اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي اسان تي بندوق جا سڌا فائر ڪري ۽ ڪھاڙيون ھڻي حملو ڪيو آھي جنھن ۾ اسان جا پنج ماڻھو سخت زخمي آھن واقعي جي ايف آءِ آر بدين ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرائي آھي.