ڪڍڻ ڀرسان نوجوان گهران سڏي مبينا قتل

0
157
ڪڍڻ ڀرسان نوجوان

ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ ڀرسان ديهه ڪاڪ ۾ نوجوان کي گهران سڏي مبينا طور تي قتل ڪيو ويو آهي، مقتول نوجوان والد جو چوڻ آهي ته جوابدار خميسو ملاح منهنجي پُٽ نور احمد ملاح کي رات جو 10 وڳي گهران سڏي پاڻ سان گڏ وٺي ويو

هن چيو ته جوابدار رات جو هڪ وڳي نور احمد ملاح کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، رات دير سان اطلاع ملڻ بعد ڪڍڻ پوليس واردات واري جاءِ تي پهچي مقتول جو لاش صحت مرڪز ڪڍڻ آندو

جوابدار خميسو ملاح کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مقتول جو مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ صحت مرڪز ڪڍڻ ۾ پيل آهي، قتل جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن