روهڙي ويجهو مال جي واڙي کي باھ، 11 ٻڪريون ۽ 2 ڳئون سڙي رک

0
194
روهڙي ويجهو مال

روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو ڳوٺ جمال الدين جانجهو ۾ چوپائي مال جي واڙي کي باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾11 ٻڪريون ۽ 2 ڳئون سڙي رک ٿي ويون

مالوند الياس جانجهي جو چوڻ آهي ته اوچتو چوپائي مال جي واڙي کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳي، لکين رپين جا ڍور ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو پر فائير برگيڊ عملو نه پھتو

متاثر ڳوٺاڻي جو چوڻ آهي ته نجي بئنڪ مان قرض وٺي مال ورتو ھو، اولاد به ناھي، مسڪين آهيان، انتظاميه ۽ سرندي وارا مدد ڪن