نيويارڪ:(دلچسپ نيوز)) ڇا اوهان اهڙا ڪپڙا خريد ڪرڻ چاهيو ٿا جنهن ۾ هيرا لڳل هجن ته پوءِ ان جي قيمت 750 آمريڪي ڊالر في ميٽر آهي جيڪا پاڪستاني روپين ۾ هڪ لک 25 هزار جي ويجهو بڻجي ٿي. ميڊيا رپورٽ موجب هي مهانگو ڪپڙو تيار ڪندڙ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هيري جا انتهائي ننڍڙا ٽڪڙا، اون ۽ ريشم سان گڏ شامل ڪري ڪپڙا تيار ڪيا ويندا آهن. بيلجيم جي ڪمپني اهي مهانگا ڪپڙا سالن کان تيار ڪري رهي آهي جيڪي صرف ارب پتي ماڻهو ئي خريد ڪندا آهن.ڪپڙي جو هڪ ميٽر ٽڪڙو جنهن جو عرض ڏيڍ ميٽر هوندو آهي اهو ڊائمنڊ چپ جي نالي سان مشهور آهي. ڪمپني اهو به ٻڌايو آهي ته آرڊر ملڻ تي 24 قيراط سون، پلاٽينم ۽ ٻيا قيمتي پٿر به انتهائي ننڍن ٽڪڙن جي شڪل ۾ ڪپڙي تي لڳائي سگهجن ٿا. اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته جيترو مهانگو هي ڪپڙو آهي ان جي سلائي به اوتري مهانگي آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته سلائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هڪ ٽو پيس ڪپڙن جي قيمت 10 کان 15 هزار ڊالر تائين پهچي ويندي آهي جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ 16 کان 25 لک جي ويجهو آهي.هڪ درزي چيو آهي ته تمام گهٽ ماڻهو هن ڪپڙي کي سبرائيندا آهن. ڊائمنڊ چپ جا صرف 2 نيويارڪ ۽ هڪ سعودي عرب جو جوڙو ان جو گراهڪ آهي. برانڊ پرس، جوتا، گلاسز خريد ڪرڻ ۾ ماڻهو ڪروڙين روپيه خرچ ڪيا ان جي لاءِ ڪجهه لکن جو هي سوٽ وڌيڪ مهانگو ناهي.