عمرڪوٽ ۾ 4دڪانن مان چوري، متاثرن جو احتجاج

0
292

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شھر ۾ ھڪ ئي رات چئن دڪانن کي لڳل کاٽ جا سي سي فٽيج ملي ويا، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ جوابدار کي لوهي سرئي سان دڪان جا تالا ڀڃندي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ چئن زرعي پيڊين سان گڏ ٽيلينور آفيس جا تالا به ڀڃندي ڏسي سگهجي ٿو، پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ شھر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي متاثر دڪاندارن سان ملاقات ڪئي، ايم پي اي امير شاھ جي ڊي ايس پي کي ھدايت ڪئي ته جلد جوابدار گرفتار ڪيا وڃن