ڪوئيٽا (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ يار محمد رند ڪي پي ڪي مڪاني اليڪشن ۾ پارٽي جي شڪست  ۾ ڪورونا جو هٿ قرار ڏئي ڇڏيو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي يار محمد رند چيو ته ڪي پي ڪي مڪاني اليڪشن ۾ خان صاحب کان وڌيڪ سندس دوستن جو هٿ آهي، شڪست جو سبب ڪورونا وائرس به آهي، صوبي ۾ جيڪو ٿيو، اهو ديوار تي لکيل هو، ڇاڪاڻ ماڻهو ڪارڪردگي ڏسندا آهن، واعدن جي پاسداري ڏسندا آهن، هن چيو ته وزيراعظم کان پڇندس ته ڪهڙن ماڻهن کائنس غلط ماڻهن جي چونڊ ڪرائي، يار محمد رند جو چوڻ هو ته7 سالن کان پي ٽي آءِ ۾ آهيان، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هڪ پارٽي نه ٺهي سگهي.