ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ نالن تي حددخلين جي آڙ ۾ ليز ٿيل گهرن کي ڊاهڻ خلاف درخواست تي اي جي سنڌ، ڪي ايم سي، ڪچي آبادي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل جبران ناصر عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي هڪ ليٽر ذريعي سمورن گهرن کي قبضو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪي ايم سي ۽ لاڳاپيل ادارن زمين جي ليز جاري ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته غيرقانوني جاءِ کي ڪي ايم سي ڪيئن ليز ڏئي سگهي ٿي ؟ 1970ع کانپوءِ نالن تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا، ان وقت علائقن ۾ نالا 2، 2 سو وال ويڪرا هوندا هئا، هاڻ نالا 20 فوٽ ويڪرا به ناهن رهيا، ان ڪري پوري ڪراچي ۾ سيوريج سسٽم بلاڪ ٿي ويندو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم آڏو اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حددخلين جو خاتمو ضرور ڪيو وڃي پر ليز ٿيل گهر ڪيئن ڊاهي سگهجن ٿا؟ سپريم ڪورٽ جي حڪم کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته سڀ ڪجهه آن لائين آهي اوهان اڄ ئي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهو ٿا، هن وقت اسان آپريشن روڪڻ جو حڪم نه ٿا ڏئي سگهون.