ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊي ڄام ۾ تيل ڪمپنين جي چوڪيدارن جو پگھارن ۾ ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڪنر آئل فيلڊ ۾ سميت مخلتف آئل فيلڊن ۾ تيل جي کوهن تي چوڪيداري ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ ۽ پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ خلاف ملازمن ڪنر آئل فيلڊ جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي صاحب خان ڪليري، ساجن ڪليري، معشوق علي ۽ ٻين ڪئي، ملازمن جي احتجاج سبب فيلڊ ۾ داخلا بند ٿي وئي، ان موقعي تي ملازمن پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ملازم اڳواڻن چيو ته ويل چوڪيدار وڏي عرصي کان ٺيڪيداري نظام ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن کي ساڍا 17 هزار پگهار ڏني ويندي هئي، هاڻي 15 هزار روپيا پگهار مقرر ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته ٻين ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، اسان جيڪي سالن کان ڪم ڪريون پيا اسان جي پگهارن ۾ اضافي بجائي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي، هنن چيو ته اسان اوجي ڊي سي ايل جي زمينداري پاليسي کي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي فوري طور پڪو ڪيو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته اسان جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته اسان تيل جي 40-کوهن ڏانهن ويندڙ رستن تي احتجاج ڪري روڊ بند ڪنداسين ۽ جي ذميوار اوجي ڊي سي ايل جي انتظاميه هوندي.