ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڳوٺ عثمان ملو وٽان گذرندڙ نيو بگھڙ فيڊر جون 11هزار وولٽ جون تارون ڪرڻ سبب طالب راڄپر ۽ علي محمد راڄپر جو مال مري ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته نيو بگهڙ فيڊر جي لائين مان تارون اسان جي ڳوٺ طرف اينديون آهن، جيڪي ڪرڻ سبب ٻه ڊور مري ويا آهن، سيپڪو جي نااهلي سبب تارون ڪريون آهن، جنهن سبب چوپايو مال مئو آهي سيپڪو وارن خلاف ڪاروائي ڪري مال جو معاوضو ڀري ڏنو وڃي، ٻئي پاسي سيپڪو ملازم عبدالحفيظ رابطو ڪرڻ تي واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪالھ واري طوفان ۾ لائين جون تارون ڪجهه ھنڌن تي ڪري پوڻ جا اطلاع ھئا، فيڊر جي ڊيگھ گھڻي آھي اسان حصن ۾ چيڪ ڪندا پئي وياسين ته اسان کي اطلاع مليو ته ڳوٺ عثمان ملو وٽان تار ۾ چوپايو مال ڦاسي پيو آھي اسان فوري طور لائين بند ڪري ڇڏي جڏھن ته واقعي ۾ ٻه ڍور مئا آھن