حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪوٽڙي جي سڪندر آباد ڪالوني جي رهواسي پاران شادي شده ناري جي اغوا خلاف پريس ڪلب سامهون ٻارن سميت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي طالب حسين آرائين ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ناري سمينا زال عاشق آرائين کي بااثر جوابدار  زبردستي کنڀي کڻي ويا آهن. واقعي جو ڪيس  داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ناري کي بازياب ناهي ڪرايو،  ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ  ڏمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي ناري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.