نوابشاهه (بيورو رپورٽ) شھيد ذوالفقار علي ڀٽو فائونڊيشن پاران بي ڊي ايس اسڪول ۾ شاگردن کي شوز ڏيڻ واري تقريب ٿي جنهن ۾ اڳواڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ تنظيم جي وائيس چيئرمين سينيٽر سليم ماڊوي والا شرڪت ڪئي، تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته آءِ ايم ايف جو زور آھي ته حڪومت  کي رڳو مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي، ھن چيو ته نيب مون کي پڪڙ ۾ نه آندو، مون نيب کي پڪڙ ۾ آندو، نيب کي مون پاڻ چيو ته مون تي ريفرنس داخل ڪيو، جنهن تي انھن ريفرنس داخل ڪيو، هن چيو ته نيب ھميشه ڪاروباري ماڻھن کي گھرائي انھن کي پريشان ڪيو آهي، ڪاروباري شخصيتن جو ڪنھن سياست يا جماعت سان واسطو ناھي ھوندو پر پوءِ به نيب بار بار انھن کي گھرائيندي آھي، توھان ڏسو ته نيب جيڪا رڪوري ڏيکاري آھي اھا بزنس مينن کان رقم ورتي آھي، نيب لاءِ جيڪو ڳالھائي ٿو ان تي ريفرنس داخل ڪيو وڃي ٿو.