ڪراچي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل زمبابوي ۾ جاري وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جون ميچز ختم ڪري ڇڏيون. آءِ سي سي موجب ڪورونا جي نئين قسم جي پکيڙکي نظر ۾ رکندي ايونٽ کي ختم ڪيو ويو.  ڪرس ٽيٽلي چيو آيه ته زمبابوي جيترو جلدي ٿي سگهي ڏکڻ آفريڪا مان نڪري وڃي، ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفڪيشن هاڻ رينڪنگ جي بنياد تي ٿيندي.  ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا جي ڪيسز سبب ڏکڻ آفريڪا ۽ نيڌر لينڊز وچ ۾ 3 ون ڊي ميچز جي سيريز ختم ڪئي وئي آهي. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا سيريز ختم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڏکڻ آفريڪن ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته سيريز کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي بورڊز وچ ۾ گڏيل مشاورت بعد ڪيو ويو.